حسن بانگو ڀاڻوٺي

حسن بانگو ڀاڻوٺي : درويش حسن بانگو عرف مخدوم حسن بلاوڻي ڀاڻوٺي، مشهور صاحب ڪرامت، راهه سلوڪ جو سالڪ ۽ سيد حيدر سنائيءَ جو خليفو ۽ مريد هو. سيد حيدر جي وفات کان پوءِ مخدوم نوح جو به معتقد ٿي رهيو. صاحب ”دليل الذاڪرين“ لکي ٿو ته درويش حسن جي گهر ۾ ٻير جو وڻ هوندو هو، جنهن جا ٻير مٺا هئا، اهي ٻير کڻي مخدوم نوح وٽ ايندو هو ۽ ان جي پٽن جا نالا وٺي پيش ڪندو هو. مخدوم صاحب اهي ٻير نه کائيندو هو. هڪ ڏينهن درويش حسن، مخدوم نوح کي عرض ڪيو ته توهان ٻير نٿا کائو. مخدوم صاحب جواب ڏنو ته توهان ٻير نالا وٺي ڏيندا آهيو، جنهنڪري انهن تي منهنجو ڪو به حق نه آهي، ان کانپوءِ درويش حسن پنهنجي هٿ سان مخدوم صاحب جي خدمت ۾ ٻير کڻي آيو، جن مان ڪجهه مخدوم صاحب کاڌا. درويش حسن جي عادت هوندي هئي ته جيڪي به مهمان يا مسافر ايندا هئا، تن کي ماني ۽ کير کارائيندو هو. ڪڏهن به هن ڪنهن مسافر يا مهمان کي بنا ماني کارائڻ جي نه ڇڏيو. هن جي هٿ تي گهڻن ئي سالڪن سلوڪ ۽ تصوف جو مقام ماڻيو. هي ڏهين صدي هجري جي عالمن مان هو. سندس مقبرو ڀاڻوٺ لڳ تعلقي هالا ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو